news-details
اسلام آباد

پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ووٽنگ روڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(آن لائين انڊس، پهرين جولائي، جمعو، 2022ع) پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ٿيندڙ اڄوڪي چونڊ کي روڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست سپريم ڪورٽ منظور ڪندي 3 رڪني بئنچ قائم ڪري ڇڏي، قائم ڪيل بئنچ اڄ ئي ٻڌڻي ڪندي

سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان وڪيل فيصل چوڌري، امتياز صديقي جي معرفت ٻڌڻي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ٿيندڙ ووٽنگ کي روڪرايو وڃي.

عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ قائم ڪري ورتي جنهن ۾ شام جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ اڄ شام 4 ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.