مفتاح اسماعيل کي ٽي وي تي اچي پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ واري اعلان ڪرڻ تي پڇتاءُ

news-details

اسلام آباد(آن لائين انڊس، پهرين جولائي، جمعو، 2022ع) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته مونکي ٽيليويزن تي اچي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان نه ڪرڻ گهرجي ها، منهنجو ڪو ٻيو ساٿي اعلان ڪري ها ته بهتر هو.

جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ڪل شام جو مونکي ٽي وي تي اچي پيٽروليم شين ۾ واڌ جو اعلان نه ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم شهباز شريف فيصلو ڪيو ته مونکي ۽ مصدق ملڪ کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻو آهي.

ٻئي پاسي پريس بريفنگ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهد ختم ڪري ملڪ جو 2 سئو 33 ارب روپين جو نقصان ڪيو، عمران خان جي معاهدي مطابق پيٽرول جي قيمت هن وقت 70 سيڪڙو وڌيڪ هجي پر پر موجوده حڪومت پيٽروليم شين تي 5 کان 10 روپين جي ليوي لڳائي آهي.