news-details
ڪراچي

ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌيا ته حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(آن لائين انڊس، پهرين جولائي، جمعو، 2022ع)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا جي ڪيسز ۾ اضافو ٿيو ته ٻيهر سخت قدم کڻڻا پوندا، عوام کي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورنا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا ٻيهر ڪيس وڌڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري صحت سنڌ چيو ته ڪورونا وائرس جا ڪيس 24 جون 2022ع کان ٻيهر وڌڻ شروع ٿيا آهن، 24 جون تي ڪورونا وائرس جا 248 پازيٽو ڪيس هئا جيڪي 26 جون تائين وڌي 28 هزار 337 ۽ 30 جون 2022ع تي 465 ڪيس رپورٽ ٿيا.

بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هن وقت ڪورونا وائرس جا ڪل مريض 63 آهن، جن مان 4 وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا هفتيوار 19 سيڪڙو ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رڪارڊ ٿيا آهن.

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام کي ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ويڪسين سان گڏ بوسٽر ڊوز به لڳرايا وڃن.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ اضافو ٿيو ته حڪومت کي ٻيهر سخت قدم کڻڻا پوندا.