news-details
اسلام آباد

جلد عمران خان اڪثريت سان ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 2 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ت پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، لکين ماڻهو جلسي ۾ شريڪ ٿي امپورٽيڊ حڪومت خلاف احتجاج ڪندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پوري ملڪ اندر مهانگائي خلاف ماڻهو نڪرندا، 14 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي هن حڪومت ۾ ٿي آهي، موجوده حڪومت سفيد پوش طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هن مهانگائي خلاف روالپندي کان ريلي ڪڍي اسلام آباد اينداسين.

فواد چوڌري چيو ته اسان جا بينر لاهيندڙ عمران خان عوام جي دل مان ڪيئن ٿا ڪڍي سگهن، اسان کي ڪالهه ڪاميابي ملي آهي، پنجاب ۾ لوٽا پنهنجي مهم به نٿا هلائي سگهن، جلد عمران خان اڪثريت سان وفاق ۾ هوندو، هاڻي ڪو به عمران خان کي روڪي نٿو سگهي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هندوستان ۾ پيٽرول سستو ٿيو آهي، اسان جي حڪومت آمريڪا جي غلام آهي، پاڪستان کي غيرتمند ماڻهو گهرجن، اسان جا ماڻهو ذهني غلامي جو شڪار آهن ۽ آمريڪا امپورٽيڊ ٽولي کي اسان مٿان مسلط ڪري ڇڏيو آهي.