news-details
ڪراچي

عمران خان جي جلسي لاءِ وڏي اسڪرين هڻڻ تان پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 2 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) ڪراچي ۾ عمران خان جي اسلام آباد واري جلسي کي ڏسڻ لاءِ وڏي اسڪرين لڳائڻ تان پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون.

اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جلسي کي ڏسڻ لاءِ وڏي اسڪرين لڳائڻ تان پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي، جنهن دوران پوليس اسڪرين لڳائڻ لاءِ سامان کڻي ايندڙ گاڏي کي روڪي ورتو.

ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل، علي زيدي، فهيم خان، بلال غفار، جمال صديقي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن پوليس سان منهن ماري کانپوءِ سامان واري گاڏي ڇڏائي ورتي.