ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ 7 هزار 477 ميگاواٽ تائين پهچي وئي، لوڊشيڊنگ ۾ اضافو

news-details

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 2 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ 7 هزار 477 ميگا واٽ ٿي وئي، جنهن سبب چئني صوبن جي مختلف علائقن ۾ 14 کان 16 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ لڳي آهي.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب ملڪ ۾ مسلسل بجلي جي کوٽ ٿي رهي آهي، هن وقت بجلي کوٽ 7 هزار 477 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته بجلي جي مجموعي پيداوار 21 هزار 223 ميگاواٽ آهي ۽ بجلي جي کپت 28 وهزار 700 ميگا واٽ آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڻي مان ساڍا پنج هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، سرڪاري ٿرمل پلانٽس ما هڪ هزار 290 ميگاواٽ بجلي ۽ خانگي شعبن مان بجلي گهرن جي مجموعي پيداوار 11 هزار ميگاواٽ آهي.

ان ڏس ۾ ٻڌايو ويو ته ونڊ پاور پلانٽس مان 900 ميگا واٽ جڏهن ته سولر پلانٽس مان بجلي جي پيدوار 122 ميگا واٽ آهي، بگاس تحت هلندڙ پلانٽس 120 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ جوهري ٻارڻ سان 2 هزار 291 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب چئني صوبن جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ 14 ڪلاڪ آهي ۽ رڪوري نه ڏيندڙ علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ 14 ڪلاڪن کان به وڌيڪ آهي.