اسلام آباد(آن لائين انڊس، 2 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ لاهور ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران چوڌري شجاعت حسين آصف علي زرداري سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ملاقات ۾ چوڌري سالڪ، چوڌري، شافع، طارق بشير چيما، ذڪا اشرف، مڪل احمد خان ۽ گوهر اعجاز به شريڪ هئا، ملاقات دوران ملڪ جي سياسي توڙي معاشي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.