زوب: راولپندي کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس کائي ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت

news-details

زوب(آن لائين انڊس، 03 جولائي، آچر، 2022ع)روالپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس کائي ۾ ڪرڻ سبب 20 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب ضلعي شيراني جي علائقي دانا سر وٽ راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس کائي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي ڪڍي ڪوزوب ۽ مغل ڪوٽ جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو.

ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شيراني جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ روالپنڊي مان مسافر کڻي خيبرپختونخواهه واري روٽ کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته حادثو پي آيو.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف بس حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.