news-details
اسلام آباد

وزيراعظم توشه خانه جي نئين پاليسي لاءِ ڪميٽي جوڙي ورتي

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 03 جولائي، آچر، 2022ع)وزيراعظم شهباز شريف نئين توشه خانه پاليسي ٺاهڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

وزيراعظم شهباز شريف پاران قائم ڪيل توشه خانه ڪميٽي کي توشه خانه پاليسي لاءِ ڏنل ٽي او آرز تي رپورٽ هڪ مهيني اندر مڪمل ڪري وزيراعظم وٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، 12 رڪني بين الوزارتي ڪميٽي تحفا وٺڻ، ڊسپورزل پروسيجر 2018ع تي نظرثاني ۽ جامع جائزو وٺڻ لاءِ نئون ڊرافٽ تيار ڪندي.

وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جو ڪنوينر دفاع وارو وزير جڪڏهن ته معاون خصوصي طارق فاطمي، واپار وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، پرڏيهي سيڪريٽري، اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري، اڳوڻو سيڪريٽري خواجه ظهير، اڳوڻي ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان شامل هوندا.

وزيراعظم ڪابينا ڊويزن کي بين الوزارتي ڪميٽي لاءِ فوري طور سيڪريٽريٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.