news-details
گمبٽ

گمبٽ: ستابي شهر ۾ مفت طبقي لڳائي مريضن کي دوائون ڏنيون ويون

گمبٽ(آن لائين انڊس، 04 جولائي، سومر، 2022ع)گمبٽ ويجهو ڳوٺاڻن طرفان پي پ ايڇ آءِ جي تعاون سان مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن دوران ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون.

گمبٽ ويجهو ستابي شهر ۾ پروفيسر نور احمد کهڙو جي ياد ۾ پي پي ايڇ آءِ جي تعاون سان مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن دوران مافر ڊاڪٽرن هيپاٽائيٽس بي ۽ سي، سميت مختلف بيمارين جون مفت ۾ ٽيسٽون ۽ چڪاس ڪري مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون.

ان موقعي تي ڪئمپ لڳائيندڙ تصوير احمد کهڙو، ڊاڪٽر منصور احمد کهڙو، ظهير احمد کهڙو ۽ ٻين چيوڳالهائيندي چيو ته هرسال جئيان هن سال به مرحوم پروفيسر نور احمد کهڙو جي ياد ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ ماهرن ڊاڪٽرن پاران هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جون ٽيسٽون ڪري مريضن کي دوائون مفت ڏنيون آهن.

هنن چيو ته ستابي شهر جي معزز ۽ سماجي شخصيت مرحوم پروفيسر نور احمد کهڙو جي ڪيل خدمتن کي ياد ڪرڻ لاء هي ڪئمپ لڳائي وئي آهي، اسان جي علائقي ۾ علاج جي خاطر خواهه سهولت نه هجڻ سبب اڄوڪي ڪئمپ مان ڪيترن ئي مريضن کي رليف ملندو.