اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

اسلام آباد(آن لائين انڊس، 04 جولائي، سومر، 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهرمن الله گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ چيف جسٽس اطهرمن الله جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس اطهرمن الله چيو ته اها حقيقت آهي، ڪوئي ڪجهه به ناهي ڪري رهيو، ٻڌايو وڃي ته هن وقت گم ٿيل ماڻهو ڪٿي آهن.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته 8400 مان هن وقت تائين 600 ماڻهو گم آهن، ڪيترائي ماڻهو هن ڪيس ۾ ٻن طرفن وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ڊپٽي اٽارني جنرل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وڏي تعداد ۾ پوليس ۾ ڀرتيون ڪيون ويون آهن، ٻڌايو وڃي ته پوليس ڇا پئي ڪري.

ٻڌڻي دوران فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيترا ئي ماڻهو کنيا ويا آهن، انهن جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، خبر ئي ناهي ته انهن ماڻهن کي ڪنهن کنيو آهي.

ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم نامي تي عمل نه ٿيو ته وزيراعظم کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.