news-details

پنجاب حڪومت پاران بجلي جا هڪ سئو يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان

لاهور(آن لائين انڊس، 04 جولائي، سومر، 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف هڪ سئو يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي بجلي مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جو چوڻ هو ته اسان کي ملڪ کي بچائڻو آهي، عوام جي ڏکن جو احساس آهي، مجبوري تحت سخت فيصلا ڪيا ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو.

حمزه شريف وڌيڪ چيو ته جڏهن به بجلي جو بل ايندو آهي ته صارفين کي قيامت واري گهڙي گذرندي آهي، گذريل 6 مهينن ۾ جنهن به گهريلو صارفين هڪ سئو بجلي جا يونٽ استعمال ڪيا آهن پنجاب حڪومت انهن کي مفت ۾ بجلي فراهم ڪندي، هڪ سئو بجلي جا يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين جي بل جو خرچ آگسٽ کان پنجاب ادا ڪندي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان ضرورتمند ماڻهن کي سولر پينل مفت ۾ فراهم ڪنداسين، پنجاب حڪومت سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ سئو ارب روپيا رکيا آهن، ان مان 90 هزار خاندانن کي فائدو ٿيندو.

حمزه شريف چيو ته مهانگائي جي جن کي آهستي آهستي بوتل ۾ بند ڪنداسين، آءِ ايم ايف پروگرام جلد شروع ٿيندو، انٽرنيشنل ڊونر ايندا ۽ پاڪستان دوست ملڪ مدد ڪندا، وقت ايندو جڏهن ملڪي معيشت پنهنجي ٽريڪ تي بحال ٿي ويندي، رليف ڏيڻ وارو ڪم سستي اٽي کان شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ مفت دوائون ۽ هاڻي مفت بجلي ڏئي رهيا آهيون.

پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف چيو ته مان پڪ ٿو ڏياريان ته اسان انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين، ثبوت پهرين پيش ڪري پوءِ پريس ڪانفرنس ڪنداسين، قوم کي گذريل حڪمرانن کي 17 جولائي تي آئينو ڏيکاريندي، توشه خانه، فارن فنڊنگ ۽ فرح گوگي جي اربين روپين جي ڪرپشن جو حساب عمران نيازي ڏيندو، 60 ڪروڙ روپين جو پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي ڪمپني ٺاهي وئي، عوام جي سامهون هر ڪيس جون حقيقتون آڻينداسين.