بلوچستان ۾ برسات جي تباهي، 49 ماڻهو فوت، امدادي ڪارروايون جاري

news-details

ڪوئيٽا(آن لائين انڊس، 08 جولائي، جمعو، 2022ع) بلوچستان ۾ برسات ۽ سيلاب تباهي مچائي ڇڏي، برسات ۽ سيلابي ريلن سبب ڪيترائي گهر ڪرڻ سبب 49 ڄڻا فوت ٿي ويا.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه موجب هلندڙ برساتن ۽ سيلاب سبب صوبي جي مختلف علائقن ۾ هن وقت تائين 349 گهرن کي نقصان پهتو آهي، متاثر ٿيل علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ متاثر خاندانن ۾ امدادي سامان توڙي خوراڪ تقسيم ڪرڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي.

هن چيو ته برساتن ۽ سيلاب کانپوءِ متاثر ٿيل ضلعن اندر ريسڪيو آپريشن جاري آهي، برسات سبب ڪوئيٽا، لسٻيلا، سبي، هرنائي، ڪوهلو، بارکاڻ، زوب ۽ ڊيرا بگٽي جو علائقو وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن برسات سبب گهر ڪرڻ سبب دٻجي فوت ۽ سيلاب ۾ ٻڏي ويل ماڻهن جو انگ 49 ٿي ويو آهي