اسلام آباد(آن لائين انڊس، 09 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته مونکي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ چيو ته مونکي نامعلوم نمبرن تان ٻن ڏينهن اندر پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن توهان پي ٽي آءِ نه ڇڏي ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا.
هن چيو ته اهڙيون ڌمڪيون پي ٽي آءِ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جو حوصلو ختم نٿيون ڪري سگهن، نامعلوم نمبرن تان ڪال ڪندڙ همراهه جي طبعيت مون ٺيڪ ڪري ڇڏي آهي.
فياض الحسن چوهاڻ وڌيڪ چيو ته بيگم صفدر اعواڻ جو اسٽريٽجڪ ميڊيا سيل هڪ سازش تحت عوام ۽ ادارن وچ ۾ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي.