اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر مهانگائي سان آهي: مريم نواز

news-details

حيدرآباد(آن لائين انڊس، 12 جولائي، آڱارو، 2022ع) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ جو مقابلو عمران خان سان نه پر مهانگائي سان آهي، مشڪل وقت گذري ويو هاڻي سٺو وقت اچڻ وارو آهي.

جهنگ جي گوجره موڙ تي ريلي کي خطاب ڪندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عوام چاهي ٿو ته مهانگائي جو خاتمو ٿيئي ته ن ليگ کي ووٽ ڏيئي، اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر مهانگائي سان آهي، پنجاب جو عوام واعدو ڪري ته پنجاب جي دشمن کي پنجاب جو عوام ڪڍي ٻاهر اڇلائيندو.

مريم نواز چيو ته 17 جولائي گهر ۾ ويهڻ جو ڏينهن نه پر پنهنجي قسمت بدلائڻ جو ڏينهن آهي، جيستائين عوام جي قسمت نه بدلجي ارام سان نه ويهندس.

ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي خالي ٿيل 20 سيٽن تي ضمني چونڊ 17 جولائي 2022ع تي ٿيندي، جنهن لاءِ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي.