سرڪاري موڪلون ختم ٿيڻ باوجود جيڪب آباد ۾ سرڪاري ادارن جون آفيسون نه کليون

news-details

جيڪب آباد(آن لائين انڊس، 13 جولائي، اربع، 2022ع)جيڪب آباد ۾ عيد جون موڪلون ختم ٿيڻ باوجود سرڪاري ادارا بند پيل، سول اسپتال جي منصوبابندي واري سينٽر کي تالا لڳل هجڻ ۽ ليڊي ڊاڪٽر نه اچڻ سبب ڪيترائي مريض بنا علاج جي واپس روانا ٿي ويا.

حڪومت پاران اعلانيل عيد جون سرڪاري موڪلون مڪمل ٿيڻ باوجود سرڪاري اسپتال سميت مختلف ادارن جي آفيسن ۾ عملو نه پهتو، جنهن سبب ڪارووهنوار ٺپ بڻيل آهي.

سول اسپتال جي منصوبابندي واري سينٽر ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻي نه اچڻ ۽ سينٽر کي تالا لڳل هجڻ سبب آيل سوين مريض بنا علاج ئي واپس گهر روانا ٿي ويا.

ان ڏس ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪب آباد جي انتظاميا جي لاپرواهي سبب سرڪاري آفيسون عيد جي چوٿين ڏينهن تي به بند پيل آهن، جنهن سبب ڪم ڪار لاءِ ايندر ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، انڪري اعليٰ اختيار نوٽيس وٺي سرڪاري عملي خلاف ڪارروائي ڪري.