جيڪب آباد: بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

news-details

جيڪب آباد(آن لائين انڊس، 16 جولائي، ڇنڇر، 2022ع) جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان حيدرآباد ۾ آفغاني پٺاڻن هٿان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ايس ٽي پي طرفان عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالغفور ٿهيم جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي جيڪا جيڪب آباد شهر جو گشت ڪندي جيڪب آباد پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورا قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ ڄاوا اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن.

هنن چيو ته 40 لک کان وڌيڪ ڌاريا ڪراچي ۾ قابض بڻيل آهن، سنڌ سرڪار ڌارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن کي تحفظ ۽ ڪالونيون ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو آهي جيڪا سنڌ دشمني آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته افغانين کي ڪالونيون ڏيڻ وارو بل رد ڪري ڌارين کي سنڌ مان واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي ۽ بلال ڪاڪا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو