news-details

پنجاب جي 20 صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

لاهور(آن لائين انڊس، 17 جولائي، آچر، 2022ع) پنجاب جي اسيمبلي جي خالي ٿيل 20 سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، صوبائي اسيمبلي جي 20 تڪن لاءِ 45 لک کان وڌيڪ ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

پنجاب اسيمبلي جي خالي ٿيل 20 سيٽن تي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سخت مقابلو جاري آهي، 20 ئي سيٽن تي پولنگ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، جنهن دوران 45 لک ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن جن لاءِ 3 هزار 131 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 676 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ هڪ هزار 194 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن.

صوبائي اسيمبلي جي 20 سيٽن تي 175 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، هجن مان اصل مقابلو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ هلندڙ آهي، اليڪشن دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج جي دستن کي ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس طور رکيو ويو آهي.

پنجاب جي صوبائي تڪن تي ضمني چونڊ دوران ڪيترائي ئي پولنگز تي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙا پڻ ٿيا آهن، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن زخمي پڻ ٿي پيا آهن.