ڄامشورو ۾ وقفي وقفي سان برسات، 10 کان وڌيڪ ڪالونيون ٻڏي ويون

news-details

سموري سنڌ جيان ڄامشورو ۾ به مسلسل پندرنهن ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي.
عام زندگي مفلوج بڻجي وئي، شهر جي مک شاهي بازار، ليڊيز بازار، ريلوي اسٽيشن وارو رستو، سنڊوز روڊ، انڊس هاءِ وي روڊ مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا. سنڊوز روڊ مڪمل پاڻي هيٺ هجڻ ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اور هيڊ برج هيٺان انڊس هاءِ وي به پاڻي ھيٺ جنهن سبب سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏيون ۽ هيوي ٽرانسپورٽ متاثر ٿي آهي.
ڄامشورو ريلوي اسٽيشن وارو سمورو علائقو، مقول مدرسو، ابڙا محلو، نور شاھ ڪالوني، حسين شاھ ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، سيوهاڻي محلا، بلوچ ڪالوني، واپڊا ڪالوني، آر بي ڪالوني، جيئي شاهه محلو، ڳوٺ سائين ڏنو ملاح، ڳوٺ عبدالله چاوڙو سميت ڪيترائي علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. تماچي ڳوٺ ۾ پنج کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا جنهن سبب عزيب ڳوٺاڻا سخت پريشاني واري حالت ۾ ٻين وٽ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. وقفي وقفي سان جاري برسات سبب ڄاڻايل سمورن علائقن ۽ مختلف ڳوٺن جي بجلي بند پيل آهي ۽ شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويوآهي.
ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود ضلعي توڙي ٽائون انتظاميا متاثر شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي سار نه لڌي آهي، جنهن ڪري رهواسي پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن.