ڪوئيٽا (آن لائين انڊس، 26 جولائي، اڱارو) سڄي ملڪ جيان بلوچستان ۾ به چوماسي جو برساتون جاري آهن، چوماسي جي برساتن جي ٽئين سسٽم بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي.
برسات سبب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيلابي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، گوادر ويجهو هنگول وٽ روڊ لڙهي وڃڻ ڪري گوادر ۽ ڪراچي جو زميني رستو پڻ ڪٽجي ويو آهي.
ڪوئيٽا کان ڪراچي ڏانهن ايندڙ قومي شاهراهه تي ٻڌل 2 پل ٽٽڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، بلوچستان ۽ سنڌ کي ملائيندڙ حب پل جو هڪ حصو لڙهي پڻ لڙهي ويو آهي.
بيلا جي علائقي جام ڪالوني ۾ هڪ ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ضلعي خضدار جي تعلقي وڊهه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ماڻهون زندگي وڃائي ويٺا آهن.
قلعا سيف الله، زيارت، بولان ۽ نصيرآباد ۾ به تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته تيز برساتن ۽ سيلابي صورتحال سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، جنهن سبب هنگول ويجهو گوادر وٽ ڪوسٽل هاءِ وي لڙهي وڃڻ سبب ڪراچي ۽ گوادر جو زميني رستو ڪٽجي ويو آهي.
ان حوالي سان نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) اختيارين جو چوڻ آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ شهري مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.
سرڪاري ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جبلن تي تيز برسات پوڻ سبب بولان لڪ وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا اطلاع مليا هئا جتان پٿر هٽائي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي.