ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاھيندي گولي لڳڻ سبب وڏي ڀاءُ ھٿان ننڍو ڀاءُ قتل

news-details

مانسهرا (آن لائين انڊس، 28 جولائي، خميس) مانسهرا جي علائقي جنگ چارباغ ۾ وڏي ڀاءُ غلطي سان ننڍي ڀاءُ کي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهيندي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي

ايس ايڇ او بٽل ٿاڻو انور خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻئي ڀائر ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رھيا هئا وڊيو ٺاهيندي وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ننڍو ڀاءُ موقعي تي فوت ٿي ويو آهي.

ايس ايڇ او وڌيڪ چيو ته جمال شاهه جنهن جي عمر 16 سال آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ عاد شاهه جيهن جي عمر 13 سال ٿيندي پستول کڻي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيا هئا ته وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ننڍو ڀاءُ موقعي تي فوت ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي سول اسپتال بٽل منتقل ڪيو ويو آهي،ضروري قانوني ڪاروائي پوري ڪرڻ بعد لاش مقتول جي والد امتياز شاهه حوالي ڪيو ويو آهي.