news-details

جيڪب آباد: پوليس مقابلو، 25 ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري مارجي ويو

جيڪب آباد(آن لائين انڊس، 30 جولائي، ڇنڇر، 2022ع)جيڪب آباد ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.
جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي جي حد دنب ٿرڙي وآٽ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران دوداپور جاگير واسي بدنام ڏوهاري لال مير جکراڻي مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري مٿان اغوا، قتل ۽ ڦر سميت علائقي ۾ دهشت ڦهلائڻ جا 25 ڪيس داخل هئا، جنهن کي اڄ پوليس مقابلي دوران ماريو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.