news-details

لاڙڪاڻو: ڌيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عدالت عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاڙڪاڻو(آن لائين انڊس، 30 جولائي، ڇنڇر، 2022ع)لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ٻه سال اڳ لاڙڪاڻي الهه آباد ٿاڻي جي حد ممتاز ڪالوني ۾ شده شده ڌيءُ ناري کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوان ڏوهه قتل جو ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار غلام حيدر لاشاري کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

ٻڌڻي دوران ثابت ٿيو ته جوابدار غلام حيدر لاشاري پنهنجي شادي شده ڌيءُ صائمه زال زاهد لاشاري کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ عدالت جوابدار کي سزا ٻڌائي.

ياد رهي ته واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي الھ آباد ٿاڻي تي داخل ٿيل هو جنهن ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار غلام حيدر لاشاري کي عمر قيد ۽ هٿيار رکڻ جي ڏوھ ۾ 10 سال ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.