ڳڙهي خيرو: ڀنڊ ۽ ملغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو، ٻنهي ڌرين مجموعي طور 6 لک ڏنڊ مقرر

news-details

ڳڙهي خيرو(آن لائين انڊس، 30 جولائي، ڇنڇر، 2022ع)ڳڙهي خيرو ويجهو زميني تڪرار تان ڀنڊ ۽ ملغاڻي برادري ۾ هلندڙ زميني تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 6 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.

ڳڙهي ويجهو تاجوديرو واري علائقي ۾ ڀنڊ ۽ ملغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو جرگو بلوچستان ۾ محمد زمان عمراڻي جي سرپئچي هيٺ ٿيو.
جرڳي دوران ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 6 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن کانپوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

جرڳي دوران ملغاڻي برادري جي ڌُر مٿان 4 زخمين جو ڏُوھ ثابت ٿيڻ تي 6 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ 14 جريب زمين به ڀنڊ ڌُر حوالي ڪئي وئي جڏهن ته 7 جريب زمين ملغاڻي ڌُر حوالي ڪئي وئي.