بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ دوران مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي 136 ٿي ويو.

news-details

ڪوئيٽا(آن لائين انڊس، 01 آگسٽ، سومر، 2022ع) بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ دوران مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي 136 ۽ زخمين جو انگ 70 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين ۾ 47 ٻار پڻ شامل آهن.

بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين جا تفصيل جاري ڪندي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برساتن سبب 13 هزار 535 گهرن کي نقصان پهتو آھي، 3 هزار 406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور لُڙهي مري ويا آهن، هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي به نقصان پهتو آھي.

اين ايڇ اي اختيارين پاران ظاهر ڪيل رپورٽ موجب بلوچستان ۾ ٻوڏ دوران 16 پلون لڙهي ويون آهن، جڏهن ته 640 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو آهي جنهن جي بحالي لاءِ ڪوششون ورتيون پيو وڃن.