عمران خان پنجاب جي 18 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي.

news-details

لاهور (آن لائين انڊس، 02 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي 18 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 18 رڪني پنجاب حڪومت جي ڪابينا ۾ رڳو تحريڪ انصاف جا ميمبر شامل هوندا، ڪابينا ۾ محمود الرشيد کي بلديات، ياسمين راشد کي صحت، ميان اسلم اقبال کي هائوسنگ ۽ ڊاڪٽر مراد راس کي تعليم کاتو ڏنو ويندو. جڏهن ته راجا بشارت کي پارلياماني معاملن، هاشم جوان بخت کي فنانس، خرم ورڪ کي قانون، راجا ياسر همايون کي هائير ايجوڪيشن ۽ هاشم ڊوگر کي گهرو کاتو ملڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 18 رڪني ڪابينا ۾ ق ليگ کي ڪا به وزارت نه ملندي، جڏهن ته علي افضل ساهي، لطيف نذر گجر، محسن لغاري ۽ فياض چوهاڻ کي به وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.