news-details

جيڪب آباد ويجهو دوداپور ۾ ڳوٺاڻن جو بدامني خلاف احتجاج

دوداپور (آن لائين انڊس، 04 آگسٽ، خميس، 2022ع) جيڪب آباد ويجهو دوداپور جي علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، چوريون، ڦُرون، ڌاڙا معمول بڻجي ويا، ڳوٺاڻن جو ڳڙهي خيرو جيڪب آباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو.

دودا پور ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته چوريون، ڦُرون، ڌاڙا معمول بڻجي ويا آهن، علائقي ۾ هر ڏينهن وارداتون ٿين ٿيون پر پوليس اگھور ننڊ ستل آهي.

دلمرار ايري ۽ ٻين احتجاج ڪندي وڌيڪ چيو ته ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو اسان کي يرغمال بڻائي، سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد موبائل،فون، روڪ 40 هزار ۽ موٽرسائيڪل ڦُر ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.

ڳوٺاڻن ڳڙهي خيرو جيڪب آباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف ڇتي ناري بازي ڪئي. ڌرڻي سبب ڳڙهي خيرو جيڪب آباد روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ سوين گاڏيون بيهي ويون.

مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد، ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي، امن قائم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ ڦُر ٿيل موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.