news-details

دوداپور: بيگاري ڪئنال کي ڳوٺ دودو ڏاهاڻي وٽ هڪ سئو فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

دوداپور(آن لائين انڊس، 7 آگسٽ، آچر) دوداپور ويجهو بيگاري ڪئنال کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ۽ ٻيو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.

دوداپور ويجهو ميرانپور واري علائقي ۾ بيگاري ڪئنال کي ڳوٺ دودو ڏاهاڻي وٽ هڪ سئو فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب پاڻي سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ۾ داخل ٿي ويو آهي.

گهاري جو اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو، جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

اُن ڏس ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهاري کي بند ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر گهارو وڏو هئڻ ڪري بند نه ٿي سگهيو ۽ گهارو وڌيڪ وڌندو پيو وڃي جنهن سبب پاڻي فصل کانپوءِ ڳوٺ طرف وڌي رهيو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور گهارو بند ڪري فصل ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جئين هو لکين روپين جي نقصان کان بچي سگهن.