اسرائيلي جهازن جي بمباري، مهاجر ڪئمپ ۾ رهندڙ 6 ٻارڙا شهيد

news-details

اسرائيل(آن لائين انڊس، 7 آگسٽ، آچر)اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري، ٻن ڏينهن 6 ٻارڙن سميت 29 ماڻهو شهيد ٿي ويا.

غزه ۾ اسرائيل جي بمباري ٻئي ڏينهن به جاري رهي جنهن جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 29 کان وڌي ويو آهي.

غير ملڪي خابرو اداري موجب غزه ۾ اسرائيلي طيارن جي مسلسل ٻئي ڏينهن به بمباري جاري رهي. ٻئي ڏينهن اسرائيل پاران مهاجر ڪئمپ تي راڪيٽ فائر ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ٻارڙا ۽ هڪ عورت شهيد ٿي ويا.

فلسطيني انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران ڪيل تازي ڪاررواين ۽ حملن جي ڪري زخمين جو تعداد 200 تائين وڃي پهتو آهي، جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي.