news-details

دين ۽ حق لاءِ امام حسين رضي الله عنه پنهنجو سر قلم ڪرائڻ پسند ڪيو پر باطل اڳيان جهڪڻ نه ڏنو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته محرم الحرام اسلامي تاريخ ۾ وڏي عظمت ۽ فضيلت جو مهينو آهي، هن مهيني ۾ جتي اسلامي تاريخ جا اهم ترين واقعا پيش آيا، اتي عاشور جو ڏينهن يعني 10 محرم الحرام کي پڻ خاص اهميت ۽ فضيلت حاصل آهي.

صدرِ پاڪستان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن حضرت امام حسين رضي الله عنه هڪ ظالم حڪمران جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪندي، دين ۽ حق جي سربلندي جي خاطر پنهنجي گهر وارن ۽ ساٿين سميت شهادت جو پيالو پيتو. امام حسين رضي الله عنه حق جي خاطر ڪربلا جون سختيون برداشت ڪيون. پنهنجو سر قلم ڪرائڻ پسند ڪيو پر باطل اڳيان جهڪڻ نه ڏنو.

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اچو ته اڄ اسان کي اهو عهد ڪرڻ گھرجي ته امام حسين رضي الله عنه جي ڏنل پيغام تي عمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڻ کي قرباني جي جذبي سان سرشار ڪنداسين، ٻوڏ واري صورتحال سبب جيڪي ماڻهون ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جي خدمت ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي ترقي، خوشحالي نصيب ڪري ۽ اسان کي هر آفت کان بچائي، آمين.