اسلام آباد (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل، ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ فرق واضح ڪيو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته امام حسين عه نه صرف مظلومن جو آواز آهي، پر اتحاد، ڀائيچاري، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار پڻ آهي. هن چيو ته امام حسين عليه السلام قربانيون ڏئي اهڙو اخلاقي اصول قائم ڪيو جيڪو حقِ خوداراديت جي جدوجهد کي تيز ڪري ٿو.
هن چيو ته امام حسين عليه السلام پاران باطل جو انڪار ۽ مزاحمت جو پيغام انسانيت کي برابري ۽ آزادي جي اصولن تي ٻڌل اخلاقي ۽ عالمي نظام ڏانهن راغب ڪندو رهندو.
وزيراعظم چيو ته صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين سان ئي ٽڪراءَ ۽ انتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. انسانيت کي اهڙي وقت ۾ امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي، جڏهن انسانيت ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ انهن ڏکيائين جو ٽوڙ ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.