وزيرستان (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) پاڪ فوج جي اطلاعات واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته خيبرپختون خواهه جي اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي ۾ فوجي قافلي تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
آپگھاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل سپاهين جي سڃاڻپ مانسهره جي رهواسي 22 ورهين جي لانس نائيڪ شاهزيب، غذر جي رهواسي 26 ورهين جي لانس نائيڪ سجاد، ڪوهاٽ جي رهواسي 25 ورهين جي سپاهي عمير، نارووال جي رهواسي 30 ورهين جي سپاهي خرم طور ٿي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون رائيگان نه وينديون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب انٽيليجنس ادارن خودڪش بمبار ۽ سندس سهولتڪارن بابت تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ڪجهه مهينن کان اتر وزيرستان جي قبائلي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ۽ شڪي دهشتگردن سان ويڙهه روز جو معمول بڻجي وئي آهي. گذريل مهيني 4 جولاءِ تي هن علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا.
آپگھاتي حملي جي حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته فوج جو قافلو ميرالي کان ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرانشاه ڏانهن وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي گاڏي ويجهو ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ان کان اڳ 30 مئي تي موٽرسائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار رزمڪ جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ٻي قافلي تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 فوجي ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا هئا.