ايران جي شهر رفسنجان ۾ افغان پناهگير چاقو سان حملو ڪري 10 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

news-details

تهران (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) ايران جي صوبي ڪرمان جي گادي واري شهر رفسنجان ۾ هڪ افغان پناهگير چاقو سان حملو ڪري 10 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي تي موجود ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته چاقو بردار افغان پناهگير معمولي جهيڙي کانپوءِ جوابدارن تي حملو ڪيو. حملي سبب چاقو جا گھڻا زخم اچڻ ڪري جوابدارن جو تمام گهڻو رت وهي ويو، جنهن سبب سڀني جو موت ٿي ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته چاقو بردار شخص جي حملي ۾ 6 افغاني ۽ 4 ايراني شهري مارجي ويا آهن. حملي آور صوبي مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر کيس سرحدي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

جوابدار کان جانچ جاري آهي پر قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. شروعاتي طور معلوم ٿئي ٿو ته جوابدار ذاتي دشمني جي ڪري اهو ڪم ڪيو آهي.

واضح رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ ايران هزارين افغان شهرين کي پناهه ڏني آهي.