news-details

12 ڏينهن جاري رهڻ واري ڪامن ويلٿ گيمز 2022 جي اختتامي تقريب ٿي گذري

برمنگھم (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) ڪامن ويلٿ گيمز جي اختتامي تقريب اليگزينڊر اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اپاچي انڊين، بيورلي نائيٽ، ڊڪسي مڊ نائيٽ رنرز، گولڊي، جيڪب بئنڪس، جيڪي ۽ جورجا سمٿ سميت ٻين شاندار پرفارمنس ڏني.

ڪامن ويلٿ گيمز 2022 جي نتيجن جي ڳالھ ڪجي ته آسٽريليا 67 گولڊ ميڊلن سان پهرين، ميزبان انگلينڊ 57 سان ٻئين، ڪئناڊا 26 سان ٽئين ۽ ڀارت 22 سان چوٿين نمبر تي آهي.

ڪمن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان 2 گولڊ ميڊل حاصل ڪيا، ويٽ لفٽنگ ۾ نوح دستگير بٽ ۽ جيولن ٿرو ۾ ارشد نديم، جڏهن ته پاڪستان ٽيم 3 سلور ۽ 3 برونز ميڊل پڻ حاصل ڪيا.

ان موقعي تي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو ته “رانديون دولت مشترڪه جي منفرد ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روشن مثال” آهن. برطانوي وزيراعظم عالمي سطح تي راندين جي ميزباني لاءِ برطانيه جي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي برمنگهم جي ساراھ ڪئي. هن گيمز کي بهترين ايونٽ بڻائڻ تي رضاڪارن، مداحن ۽ رانديگرن جو به شڪريو ادا ڪيو.

بورس جانسن وڌيڪ چيو ته برمنگهم 2022 جي ڪاميابي جو اندازو نه رڳو ميڊلن يا رڪارڊ ٽوڙ نتيجن مان لڳايو ويندو، پر اهو به اندازو لڳايو ويندو، ته رانديگرن ۾ حصو وٺڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪيتري قدر وڌي آهي، اهو سڀ ڪجھ موجوده حڪومت جي راندين لاءِ ڪيل سيڙپڪاري سبب ئي ممڪن ٿي سگھيو آهي.

اختتامي تقريب ۾ ڪمن ويلٿ گيمز 2026 جي ميزباني باضابطه طور آسٽريلوي رياست وڪٽوريا جي حوالي ڪئي وئي آهي.