news-details

اسان چاهيون ها ته شهباز گِل جي گاڏي مان 15 ڪلوگرام منشيات به هٿ اچي ها. راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (آن لائين انڊس، 09 آگسٽ، اڱارو، 2022ع) اسلام آباد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته، شهباز گِل کي اسلام آباد پوليس مئجسٽريٽ جي شڪايت تي ايف آءِ آر داخل ڪندي گرفتار ڪيوآهي. هن چيو ته اسان چاهيون ها ته شهباز گِل جي گاڏي مان پندرهن ڪلو منشيات هٿ اچي ها، پر عمران خان جيان اسان ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪنداسين.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لسٻيلا سانحي تي منفي پروپيگنڊا لاءِ عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اهڙي قسم جي پرپيگنڊا ۾ خانگي ٽي وي چئنل جو سازشي ڪردار به سامهون آيو آهي، لسٻيلا ۾ هيلي ڪاپٽر جي شهيدن بابت سوشل ميڊيا تي به منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. ان سڄي عمل ۾ عمران خان جي هدايت تي فواد چوڌري، شهباز گِل ۽ نجي ٽي وي جي انتظاميا سازشي ڪردار ادا ڪيو آهي.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته هڪ معتبر اداري جي صفن ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪائڻ لاءِ ناپاڪ ڪوششون ڪيون ويون، ان سڄي سازش جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ سازشي ڪردارن جو تعين ڪيو پيو وڃي، پوري قوم کي پاڪ فوج جي خدمتن ۽ شهيدن تي فخر آهي. شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شيخ رشيد ڇٽل ڪارتوس آهي، عمران خان کيس ملاقات جي دعوت ناهي ڏني. جاچ جاري آهي ۽ جيڪو به سامهون ايندو ان سان قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.

گهرو وزير چيو ته محرم الحرام دوران سڪيورٽي ادارن پنهنجا فرض بهتر نموني سرانجام ڏنا آهن، اها سندن محنت ئي آهي جو سڄي ملڪ ۾ نائين ۽ ڏهين محرم الحرام دوران ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو.