مظفرڳڙھ (آن لائين انڊس،12 آگسٽ، جمعو، 2022ع) مظفرڳڙھ ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 10 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال علي پور آندو ويو. فوتي جي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
آر پي او محمد سليم واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.