ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيٽ مٽائڻ ۽ سنڌي شاگردن مٿان حملي جو يونيورسٽين واري صوبائي وزير نوٽيس ورتو

news-details

ڪراچي(آن لائين انڊس، 12 آگسٽ، جمعو 2022ع) يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت مٽائڻ ۽ سنڌي شاگردن ت حملي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
يونيورسٽن واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي اندر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا بيت(نظم) مٽائڻ ۽ سنڌي شاگردن مٿان حملو ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي.
هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي اندر امن برقرار رکڻ انتظاميه جي اولين ترجيح آهي، ڪنهن کي به پرامن شاگردن تي حمل ڪرڻ جي اجازت ناهي، اهڙي حرڪت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
يونيورسٽين واري صوبائي وزير ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته شرپسندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهڙن واقعن خلاف ڪارروائي نه ٿي درسگاهن جو امن تباهه ٿي ويندو.