اتر وزيرستان ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪو، 3 موٽرسائيڪل سوار مارجي ويا 5 زخمي

news-details

ميران شاھ (آن لائين انڊس، 13 آگسٽ، ڇنڇر، 2022ع) اتر وزيرستان جي ضلعي ميران شاھ جي علائقي مير علي ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 موٽرسائيڪل سوار مارجي ويا آهن.

ضلعي انتظاميا موجب هي واقعو مير علي ۾ پيش آيو آهي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 موٽرسائيڪل سوار مارجي ويا آهن جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

ڌماڪي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.