news-details

ايم فائيو موٽروي تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر، 20 مسافر فوت

رحيم يار خان(آن لائين انڊس، 16 آگسٽ، اڱارو 2022ع) پنجاب ۾ ايم فائيو موٽر وي تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 20 مسافر فوت ويا آهن.

هي اهم خبر اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون ته پنجاب جي علائقي جلال پور وٽ ايم فائيو موٽر وي تي آئل ٽينڪر ۽ بس ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 20 مسافر فوت ٿي ويا آهن.

هي اهم خبر اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون ته ايم فائيو موٽر وي تي مسافر بس ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب بس کي باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب 20 مسافر موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 6 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر بس لاهور کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو آهي، فوتين ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن.