ٺري ميرواهه: کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت

news-details

ٺري ميرواهه(آن لائين انڊس، 16 آگسٽ، اڱارو 2022ع)ٺري ميرواهه ويجهو گهر مٿان کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

ٺري ميرواهه ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، هلندڙ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 40 ورهين جو عبدالرئوف ٻانڀڻ فوت ٿي ويو.

واقعي کانپوءِ فوتي جو لاش اسپتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

فوتي جو لاش گهر پهڄڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو آهي.