وڊيوز ٺاهڻ لاءِ غيرقانوني طور گهر ۾ خطرناڪ نانگ رکڻ تي يو ٽيوبر گرفتار

news-details

نئين دهلي: (خميس: 25 آگسٽ 2022ع) ڀارت ۾ وڊيوز ٺاهڻ لاءِ گهر ۾ غيرقانوني طور تي خطرناڪ نانگ رکڻ تي يو ٽيوبر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اربع جي ڏينهن اوڙيسا رياست جي ٻيلي کاتي جي اختيارين ضلعي سمبل پور جي ڳوٺ ڪرنجولا ۾ 31 سالا يو ٽيوبر رام چندر رانا کي هڪ ڪاري نانگ سميت 6 نانگن کي غيرقانوني طور تي گهر ۾ رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.
رام چندر ڏسندڙن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ نانگن سان وڊيوز ٺاهيندو هو. جوابدار جا يو ٽيوب چينل رام چنادر رانا جا هڪ لک کان وڌيڪ سبسڪرائبرز آهن.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي رام چندر پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هن اهي مختلف قسم جا نانگ برسات جي موسم دوران ڪيترن ئي هنڌن تان پڪڙيا هئا.
رام چندر دعويٰ ڪئي ته مان پنهنجي يو ٽيوب چينل جي لاءِ وڊيوز ٺاهڻ کان پوءِ نانگن کي ڇڏي ڏيندو آهيان.