برطانيه جي نئين بادشاهه چارلس عهدي جو حلف کڻي ورتو

news-details

لنڊن: (ڇنڇر: 10 سيپٽمبر 2022ع) برطانيه جي نئين بادشاهه چارلس باضابطه طور تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. لنڊن جي سينٽ جيمز پيلس ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ برطانيه جي بادشاهه چارس باضابطه حلف کنيو. نئين برطانوي بادشاهه جي حلف برداري تقريب ۾ سندس گهر واري ملڪه ڪيميلا ۽ وڏي پٽ شهزادي وليم به شرڪت ڪئي.
بادشاهه چارلس حلف کڻڻ کان پوءِ حلف جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ 200 اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. چارلس ملڪه ايلزبيٿ جي وفات کان پوءِ بادشاهه جي عهدي تي مقرر ٿيو آهي. برطانيه جي نئين بادشاهه چارلس حلف برداري تقريب ۾ پنهنجي مرحومه امڙ ملڪ برطانيه کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن پنهنجي گهر واري ملڪه ڪيميلا کي به خراج تحسين پيش ڪيو.
تقريب ۾ بادشاهه چارلس برطانيه جي بادشاهه واري عهدي جو حلف کڻي ورتو جنهن کان پوءِ سينٽ جيمز محل جي بالڪوني مان چارلس کي باضابطه بادشاهه بنائڻ جو اعلان ٿيو. اعلان سان گڏ ئي لنڊن ٽاور ۽ هائيڊ پارڪ مان توپن جي سلامي ڏني وئي. ان موقعي تي بادشاهه چارلس چرچ آف اسڪاٽ لينڊ جي روايتن جي پاسداري جو به حلف کنيو.
لنڊن جي شاهي رهائشگاهه سينٽ جيمز پيلس ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ الحاق ڪونسل شرڪت ڪئي جيڪا بادشاهه کي مشورو ڏيندڙ سينئر سياستدانن ۽ اختيارين تي ٻڌل آهي. ڪونسل ان موقعي تي باضابطه طور تي ان کي بادشاهه چارلس جو لقب ڏنو. ان کان پوءِ بادشاهه جي حلف ۽ اعلانن جو سلسلو جاري رهندو.
تقريب کي خطاب ۾ بادشاهه چارلس چيو ته سموري دنيا مان برطانيه جي راڻي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي. برطانيه جي راڻي اسان جي خاندان لاءِ صدمو آهي. بطور بادشاهه جي طور تي مون کي پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي. برطانيه جي راڻي بهترين طريقي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. عام تاثر اهو آهي ته شهزادي چارلس جي تاجپوشي ۾ وڌيڪ ڪيترائي مهينا لڳندا. ان کان اڳ ملڪه ايلزبيٿ جي والد جي لاڏاڻي جي 16 مهينن کان پوءِ تاجپوشي جي تقريب جاري رهي هئي.
ياد رهي ته برطانيه جي ملڪه ايلزبيٿ گذريل ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.