دوائن جي ڪمپنين قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news-details

ڪراچي: (آچر: 11 سيپٽمبر 2022ع) ڪراچي ۾ دوائن جو بحران شدت اختيار ڪرڻ لڳو. ڪمپنين قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب شهر ۾ بخار، زڪام، پيٽ جو سور، کنگهه ۽ مرگهي جي دوري جون مختلف دوائون ناياب ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته جن ميڊيڪل اسٽورز تي دوائون موجود آهن اتي دوائن جون وڌيڪ قيمتون وصول ڪيون پيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمتن ۾ واڌ سبب دوائن جي قيمتن تي به ان جا اثر پئجي رهيا آحن. جڏهن ته ڪمپنين طرفان هول سيلرز کي اسٽاڪ نه پيو ڏنو وڃي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڪمپنين طرفان دوائن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مارڪيٽ ۾ 20 پتن تي ٻڌل بخار جي دوا جو ڊٻو 700 روپيه جڏهن ته زڪام جي دوا جو 10 پتن تي ٻڌل ڊٻو 850 روپين کان وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
مشهور سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ طبي ماهرن سميت شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صورتحال جو فوري طور تي جائزو ورتو وڃي ته جيئن بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.