برطانيه جي راڻي جو اسڪاٽ لينڊ کان لنڊن جو آخري سفر شروع، 19 سيپٽمبر تي آخري رسمون ادا ڪيون وينديون

news-details

لنڊن: (آچر: 11 سيپٽمبر 2022ع) برطانيه جي راڻي ايلزبيٿ 2 جو اسڪاٽلينڊ کان لنڊن جو آخري شروع ٿي ويو آهي، 19 سيپٽمبر تي سندس آخري رسمون ادا ڪيون وينديون. برطانيه جي راڻي جون آخري رسمون ويسٽ منسٽرايبي ۾ 19 سيپٽمبر تي ادا ڪيون وينديون. 4 ڏينهن تائين عوام کي ان جي تابوت جي آخري ديدار جي اجازت هوندي.
برطانيه جي راڻي جون آخري رسمون 19 سيپٽمبر تي برطانوي وقت موجب ڏينهن جو 11 وڳي ادا ڪيون وينديون. ان ڏينهن برطانيه ۾ عام موڪل هوندي. شاهي خاندان، سياستدان ۽ عالمي اڳواڻ سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا.
راڻي ايلزبيٿ 2 جو اسڪاٽ لينڊ کان لنڊن جو آخري سفر شروع ٿي ويو. بالمورل، ايبرڊين شائر کان راڻي جو تابوت ايڊنبرا منتقل ڪيو پيو وڃي جيڪو شام تائين هوليروڊ هائوس جي محل تائين پهچايو ويندو. تابوت جي منتقلي دوران عوام کي سندس تابوت تي نظر وجهڻ جو موقعو ملندو. جتي عوام روڊن تي جمع ٿي 7 ڏهاڪن تائين حڪمراني ڪندڙ پنهنجي راڻي کي الوداع چوندا.
خابرو اداري موجب سومر تي ٻنپهرن جو شاهي خاندان جا ميمبر سينٽ جائز، ڪيٿيڊرل، اينڊنبرا تائين ويندا. اتي هڪ دعا جي تقريب ٿيندي ۽ تابوت 24 ڪلاڪ اتي رهندو ته جيئن ماڻهو تعزيت ڪري سگهن.
ٻئي ڏينهن شهزادي اين پنهنجي والده جي مڙهه سان گڏ واپس لنڊن ويندي. راڻي جو تابوت ايڊنبرا ايئرپورٽ تان بڪنگهم پيلس آندو ويندو. اربع تي ٻنپهرن جو تابوت کي ويسٽ منسٽرهال آندو ويندو. ٻنپهرن جو 3 وڳي راڻي جو تابوت اتي پهچندو. آخري رسمن کان اڳ خميس کان پوءِ چئن ڏينهن تائين مڙهه اتي رکيو ويندو.
رياستي طور تي آخري رسمون 19 تاريخ تي ڏينهن جو 11 وڳي ٿينديون. جنهن دوران شرڪت ڪندڙ ونڊزر ڪاسل تائين هڪ جلوس جي شڪل ۾ پنڌ ويندا. راڻي کي ڪوونڊزر ۾ بادشاهه جارج ششم ميموريل چيپل ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.