10 سال پاڪستان ۾ رهي آهيان، اڌ پاڪستاني آهيان: جمائمه گولڊ اسمٿ

news-details

ٽورنٽو: (سومر: 12 سيپٽمبر 2022ع) هالي ووڊ جي پروڊيوسر جمائمه گولڊ اسمٿ چيو آهي ته مان سالن کان پاڪستان ۾ رهي آهيان ۽ اڌ پاڪستاني آهيان.
گذريل ڏينهن ٽورنٽو ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول منعقد ٿي جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي پهرين گهر واري ۽ مشهور پروڊيوسر جمائمه گولڊ اسمٿ جي فلم (وائس لوگوٽ ٽوڊوداٽ) جو پريميئر به ڪيو ويو.
ان موقعي تي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي جمائمه ٻڌايو ته منهنجي فلم ۾ پاڪستان جي ثقافت، رسم، رواج ۽ مغربي ڪلچر ڏيکاريو ويو آهي جيڪو تمام گهڻو دلچسپ آهي.
جمائمه چيو ته مان 10 سال پاڪستان ۾ رهي آهيان مان ۽ منهنجا ٻار اڌ پاڪستاني آهن. هن چيو ته منهنجي فلم جي ڪهاڻي پاڪستاني ماڻهن ۽ اتان جي ڪلچر کان متاثر آهي جن سان مان ملي هئس.
ياد رهي ته جمائما گولڊ اسمٿ جي فلم ذريعي پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره سجل علي هالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي جڏهن ته سجل به ان فلم جو حصو بنجڻ تي تمام گهڻو خوش آهي.