حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد گرفتار

news-details

حيدرآباد: (اربع: 14 سيپٽمبر 2022ع) حيدرآباد ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس پي سي ٽي ڊي راجا طارق محمود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻنهي دهشتگردن کي ڄامشورو مان گرفتار ڪيو ويو.
ايس پي سي ٽي ڊي وڌيڪ چيو ته جوابدار رابطي جي لاءِ واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام استعمال ڪندا هئا. ٻنهي جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل قومپرست تنظيم جسقم جي عسڪري ونگ سنڌ لبريشن آرمي سان آهي.
جوابدار شاهد قبوليو ۽ سنگهار برفت ڊي سي آفيس ڄامشورو جي ٻاهران بم لڳائڻ ۾ ملوث آهن. راجا طارق محمود موجب گرفتار جوابدار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قافلي کي نشانو بنائڻ چاهيو ٿي جوابدارن جي قبضي مان آءِ اي ڊي به هٿ ڪئي وئي آهي.