فيروز خان ۽ عليزي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون هڪ دفعو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل

news-details

لاهور: (آچر: 18 سيپٽمبر 2022ع) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان ۽ ان جي گهر واري عليزي سلطان وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڌار ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن.
اداڪار فيروز خان جو نالو پاڪستاني ڊرامن انڊسٽري جي بهترين اداڪارن ۾ ٿيندو آهي پر جتي هو پنهنجي فيلڊ ۾ انتهائي مشهور آهي اتي ئي پنهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان ڪافي تڪراري به آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ دفعو ٻيهر فيروز خان ۽ سندس گهر واري عليزي سلطان وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن.
مختلف سوشل ميڊيا ويب سائٽس تي ٻنهي جون تصويرون شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته فيروز خان ۽ عليزي باقاعده طور تي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي چڪا آهن ۽ فيروز خان پنهنجي ٻارن سان ملڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان تائين ٻنهي طرفان پنهنجي ڌار ٿيڻ جي تصديق ناهي ڪئي وئي
اهڙن افواهن کي عليزي ۽ فيروز جي سوشل ميڊيا اڪائونت تان هٿي ملندي آهي ڇو ته ٻئي ڄڻا سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي ان فالو ڪري چڪا آهن. ايستائين جو ٻنهي ڄڻن پنهنجي اڪائونٽن تان هڪ ٻئي سان گڏ نڪتل تصويرون به ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ ڊسمبر 2020 ۾ به ٻنهي جي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون منظر عام تي آيون هيون ۽ ٻنهي وچ ۾ ڌار ٿيڻ جو سبب اداڪاره هانيه عامر کي قرار ڏنو ويو هو پر بعد ۾ اهي افواهون غلط ثابت ٿيون هيون.