سنڌ جي وڏي وزير سان احسن اقبال جي ملاقات، ٻوڏ صورتحال ۽ امدادي ڪمن تي ڳالهيون

news-details

ڪراچي: (آچر: 18 سيپٽمبر 2022ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ٻوڏ جي صورتحال، پاڻي جي نيڪالي ۽ امدادي ڪمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سان رابطي ۾ رهو، فوري ضروري سامان مهيا ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو آهي ته موسمي تبديلين جي حوالي سان سمورن صوبن سان ملي صلاح مشورا ڪريو.
مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن وقت 15 لک خيمن جي ضرورت آهي. پر اڃان تائين اڍائي لک خيما به ناهن ملي سگهيا. ڪيمپن ۾ ٻارڙن سميت وڏا به بيمار ٿي چڪا آهن جن جي طبي امداد ڪئي پئي وڃي. هن وقت روڊ ۽ ريل نيٽ ورڪ جي بحالي جي ضرورت آهي ته جيئن شين جي ضرورت پوري ٿي سگهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مان هن وقت تائين 11 ضلعن جو دورو ڪري آيو آهيان ماڻهو تمام گهڻا پريشان آهن. متاثرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي اڳيان اچڻو پوندو. اسان کي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ ماڻهن کي واپس اماڻڻ کان پوءِ به خيمن جي ضرورت پوندي.
جيستائين ماڻهن جا گهر نه ٺهندا تيستائين ماڻهن کي انهن گهرن جي ويجهو رهڻو پوندو. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي آبپاشي نظام، زرعي زمينن جي بحالي ۽ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ نئين سري سان تعمير ڪرڻي پوندي. امدادي ڪمن سان گڏوگڏ اسان کي نئين منصوبه بندي به ڪرڻي پوندي. وڏي وزير چيو ته ماهرن اها به اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال به موسمي تبديلي جا اثر وڌيڪ ٿيندا.