سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب بي گهر ماڻهو مختلف وبائي بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا

news-details

ڪراچي: (سومر: 19 سيپٽمبر 2022ع) سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جنهن سبب متاثرين مختلف بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن.
سنڌ ۾ ٻوڏ سبب مليريا، ۽ گيسٽرو جهڙا مرض تيزي سان وڌڻ لڳا. ٻارڙا، پوڙها ۽ عورتون موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن. متاثرين ۽ بيمارن جو انگ تيزي سان وڌندو پيو وڃي. جڏهن ته طبي سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن. اهڙي صورتحالي ۾ سماجي ۽ فلاحي تنظيمون به ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
ٻوڏ متاثرين مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جو اڪيلي سر ايڏي وڏي انگ ۾ متاثرين کي ريليف ۽ طبي سهولتون ڏيڻ ممڪن ناهي ان لاءِ عالمي برادري اڳيان وڌي متاثرن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪري.
ياد رهي ته سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ هينئر تائين 25 لک 75 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
صحت کاتي موجب 20 هزار جي ويجهو ماڻهو جلد جي بيماري ۾ مبتلا ٿيا. گيسٽرو جا 17 هزار 919 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته مليريا جا 2 هزار 622 ۽ ڊينگي جي 64 مريضن جي سڃاڻپ ٿي.