اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وار جاري، 68 نوان ڪيس رپورٽ، 5 ڄڻا فوت

news-details

اسلام آباد: (اڱارو: 20 سيپٽمبر 2022ع) اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وار جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هينئر تائين شهر ۾ 5 ڄڻا ڊينگي جو شڪار ٿي فوت ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏوراهين علائقن ۾ 35 ۽ شهري علائقن ۾ 33 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر موجب هلندڙ سيزن ۾ 1456 ڊينگي ڪيسز سامهون اچي چڪا آهن. هلندڙ سيزن ۾ ڏوراهين علائقن ۾ 891 ۽ شهري علائقن ۾ 565 ڊينگي ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. 24 ڪلاڪن دوران پمز اسپتال ۾ 13، پولي ڪلينڪ ۾ 3 مريض داخل ٿيا.
راولپنڊي جي هولي فيملي اسپتال ۾ 11 مريض آندا ويا. 24 ڪلاڪن دوران خانگي ليبارٽريز مان ڊينگي جا 28 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.